اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي ??واهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ روانڊا جي ??ينيٽ جي ??در ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئر جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جي ??ينيٽ جي ??در پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صد?? چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي ??وستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان حقيقت تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي سان تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرفي واپار کي پنهنجي ??قيقي صلاحيت موجب وڌائڻ چاهي ٿو. هن وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان جنوري 2024ع ۾ قاهره ۾ چوٿين پاڪ آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائڊ منعقد ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته روانڊا جا واپاري به ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا ته جيئن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ڪاروبار جون نيون راهون ڳولي سگهجن. صدر معصوم فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن کي اجاگر ڪيو ۽ غزه ۾ وڌيڪ تباهي ۽ رتوڇاڻ روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي تي زور ڏنو. وفد پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا. روانڊا جي ??ينيٽ جي ??در ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئ?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? بهترين لاڳاپا آهن، هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. هن چيو ته روانڊا پاڪستان کي هڪ عظيم حصيدار سمجهي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ چاهي ٿو. ڊاڪٽر ڪالندا فرانڪوئس زيويئ?? صدر کي ٻڌايو ته روانڊا اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتخانو کولڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۽ روانڊا پاران گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن