اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آه?? ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اڻپوري ايجنڊا آه??، خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آه??، پاڪستان سدائين علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آه??. هن ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام جي سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي اڻٽر عزم کي ورجايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آه??. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اڄڪو ڏينهن ان وحشياڻي واقعي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير جي هٿ??ن خالي عوام تي انسانيت لڄائيندڙ ظلم ڪيا جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. هن چيو ته ??ذر??ل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري نوجوانن جون هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ قبرستان ٺاهي ڇڏيو آه??. هن چيو ته ڀارت جو انسانيت لڄائيندڙ ظلمن ذريعن والاريل ڪشمير ۾ سوين عورتن جي لڄ لٽڻ ۽ ڪشميري نوجوانن کي پيلٽ گن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روزمره جو معمول بڻايو آه??، هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آه??. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ڪشميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل بڻايو آه??، اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ حق خود اراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ??ذر??ل 7 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون ڏنيون آه?? جن جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيرو سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت تحريڪ آزادي ڪشمير جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد کي تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو.
خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ