اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيل چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي ۽ پاڪ بحريه بابت پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيندڙ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جي ڪمان سنڀالڻ تي مبار??با?? ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم ??يو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ پاڪ بحريه ملڪي دفاع ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي. ملاقات ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ