اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مستونگ بلوچستان ۾ عيد ميلادالنبي ﷺجي موقعي تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو ?? فوت ٿيندڙن جي مغفرت، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. صدر زخمين کي طبي امداد جي فراهمي تي زور ڏنو ۽ انهن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر