اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ سڀني ادارن جي م??ءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چونڊيل ايوان ڏئي سگهي ٿو، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين، رڳو هڪ خط سان ڪم نه هلندو، هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، ايوان جي استحقاق ڪميٽي ۾ توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 90 ڏينهن ۾ چون??ون ڪرائڻ جي شق اسان ناهي ٽوڙي ڪنهن ٻئي ٽوڙي آهي. هن چيو ته هت?? جن ميمبر?? استعيفائون ڏن??ون جن جو?? استعيفائون منظور به ٿ??ون ان تحت انهن جي سيٽن تي به ضمني چون??ون ٿيڻ??ون هيون. پر عدالتن انهن کي منع ناما جاري ڪيا ۽ اهي ضمني چون??ون به 90 ڏينهن کان تمام گهڻو اڳتي هلي ويون. هن چيو ته ڪيترن ئي هفتن کان ملڪ ۾ تماشو هلي رهيو آهي ۽ آئيني بحران پيدا ڪيو پيو وڃي. اسان تي اقليتي فيصلو مڙهيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان 90 ڏينهن جي اندر چون??ون ڪرائڻ يا ڪنهن ٻئي تناظر ۾ آئين جي خلاف ورزي نه ٿا چاهيون، سپريم ڪورٽ آئين جي تشريح ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو نه. پيپلزپارٽي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ اسان 18 هين ترميم کانپوءِ آئين بحال ڪيو. اسان آئين وفاقي اڪائين کي ڳنڍڻ ۽ صوبن کي انهن جا حق ڏيارڻ جي لاءِ ٺاهيو. پارليامينٽ سڀني ادارن جي م??ءُ آهي، ان جي توهين ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اهو ادارو جنهن کي آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي اهو ڪيئن اهو ڪري سگهي ٿو ته پارليامينٽ جي ووٽ جو اختيار وسري وڃي، اهي وزيراعظم کي ڪيئن اها ڊائريڪشن ڏئي سگهن ٿا، اسان آئين جي خلاف ورزي جو ڪڏهن سوچيو به نه آهي، اسان ماضي ۾ به ڪنهن غيرآئيني قدم کي تسليم نه ڪيو اڄ به نه مڃينداسين. هن چيو ته جيڪڏه?? اسان کان ڪو غيرآئيني قدم ڪرائڻ چاهي رهيو آهي اها توهين پارليامينٽ آهي رڳو خط سان ڪم نه هلندو. هن ايوان جو استحقاق مجروح ٿيو آهي، قومي اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي ۾ اهو معاملو اٿاريو وڃي. وزيراعظم هن ايوان جو چونڊيل وزيراعظم آهي، جيڪڏهن ان تي ڪو حرف اچي ٿو ته اهو هن پوري ايوان جو استحقاق مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان چار ٽي جي اڪثريتي فيصلي سان يڪجهتي جو اظهار ڪر??ون ٿا. هن چيو ته آئيني بحران ۾ وفاق پاڪستان، جمهوريت ۽ ملڪ جي معيشت کي خطرا آهن. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي کي ري رائٽ ڪرڻ کي ڏٺو وڃي ته نظر اچي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته پوري صوبي ۾ عام چُونڊُون منعقد ڪرڻ صحيح فيصلو نه آهي، ملڪ جون سمور??ون سياسي پارٽ??ون چاهين ٿ??ون ته قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چون??ون هڪ ئي وقت ٿين. عدليه پنهنجي دائره ڪار ۾ رهندي ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي دائره ڪار ۾ رهڻ ڏنو وڃي ته ڳالهه ٻولهه جو عمل هلي سگهي ٿو. هن چيو ته عدليه جي پنچائت ۾ ماڻهو ڳاله??ون چاهين ٿا ته ان جي ڪاميابي مشڪل هوندي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چاهي ٿو ته تاريخ ۾ هو سٺن لفظن سان ياد رکيو وڃي ته کيس گهرجي ته هو ذاتي طور تي ڳالهين جو رستو اختيار ڪري.
پارليامينٽ سڀني ادارن جي ماءُ آهي، جنهن جي توهين ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جي عوام جي پئسي جي اجازت رڳو عوام جو هي چونڊيل ايوان ڏئي سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری