اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سيني??ر شيري رحمان چيو آهي ته ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي، اسان کي احتساب، ??تح??د ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيني?? جي 50هين ??الگره جي موقعي تي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايوان ۾ موجود سمورين ??خصيتن کي گولڊن جوبلي مبارڪ هجي، اها تقريب سينيٽ چيئرمين ??و قابل تحسين قدم آهي. هيءَ تقريب جمهوري قدرن جي حوالي سان اهميت وارو آهي. سينيٽ وفاق جي علامت آهي جنهن ۾ سمورن صوبائي اڪائين ??ي نمائندگي شامل آهي. پ پ ان آئين ??ي خالق آهي، هي آئين مشڪل حالتن ۾ ملڪي استحڪام جو ضامن رهيو، ان ۾ مساوات جي اصول تي عمل ڪيو ويو. هن چيو ته سمورين ??ياسي اختلافن باوجود پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اسان کي عملي قدمن ذريعي سياسي قدرن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اسان کي سيني?? جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سيني??ر شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلي بين ??لاقوامي مسئلو آهي، اسان آئين ??و احترام ڪريون ٿا، ان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ته ائين ??ي هئڻ گهرجي. ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، ڪنهن کي عدليه ۽ ادارن کي نشانو بنائڻ نه گهرجي. آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو پارليامينٽ جو هميشه احترام ڪيو، اسان کي احتساب، ??تح??د ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز