اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پنجاب ۽ ??يل??فورنيا واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمر??ڪي رياست ??يل??فورنيا ج?? رياستي اسيم??لي جي ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اسيم??لي ميمبر ايلوائس ريئس، مائيڪ گپسن ۽ وينڊي ڪيريلو شامل هئا. ??يل??فورنيا ج?? اسيم??لي ميمبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گذريل سال سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي. ان پس منظر ۾ 9 جنوري 2023ع تي ??يل??فورنيا ۽ پنجاب جي وچ ۾ ”سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن“ تي صحيحون هڪ خوش آئنده اڳڀرائي آهي. پنجاب ۽ ??يل??فورنيا گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول واپار، سيڙپڪاري، زراعت، آءِ ٽي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عوام سان عوام جي رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. ڪرس هولڊن وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria