اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز جي ذريعي هلايو ويندو. اهو فيصلو وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صد??رت ۾ وز??را??ظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز جي ذريعي هلايو ويندو. انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپ??يٽ??ز هوائي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوائي اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وز??را??ظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ ملڪي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوائي اڏن جو انتظام هلايو پيو وڃي.
وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری