اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترق?? جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وزيرستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقا?? ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم جي آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم جو علائق?? جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي لاءِ وزيراعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قبائلي اڳواڻن ک?? يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ک?? يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيراعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽ?? جي لاءِ شهري سهولتن ک?? يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وزيراعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحال?? جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وزيرستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. وزيراعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.
قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات