اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب ا??يمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چ??و ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ ??ڪو??ت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چ??و ته ??ڪو??ت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??و ته ??ڪو??ت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري فواد حسين چ??و ته پنجاب ا??يمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا ??ڪو??ت انهن تي عملدرآمد ڪندي.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات