اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتس??ان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتس??ان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتس??ان يونيورسٽي اسڪردو ج?? شاگردن ۽ استادن سان ملاقات دوران ڪيو. يونيورسٽي آف بلتس??ان اسڪردو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نعيم خان صدر کي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران هن ٻڌايو ته هن وقت يونيورسٽي جي مختلف ڪئمپسز ۾ 3200 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. صدر چيو ته گلگت بلتس??ان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ ۽ صنعت جي وڌندڙ ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هنرمند گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو، مقامي آبادي ۽ سياحن جي سهولت لاءِ گلگت بلتس??ان ۾ انٽرنيٽ جو معيار، پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ??ن چيو ته يونيورسٽيون مقامي نوجوانن جي مهارت ۾ اضافي تي ڌيان ڏين، آن لائين تعليم جو ڪاٿو وڌائ?? شاگردن کي مارڪيٽ ضرورتن موجب هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته گلگت بلتس??ان ۾ سياحت جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، حڪومت گلگت بلتس??ان جي ماڻهن جي معاشي صحت بهتر بڻائڻ جيل اءِ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ??ن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ گلگت بلتس??ان کي مرڪزي مقام حاصل آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه خطي ۾ سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي آڻڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو. ??ن چيو ته گلگت بلتس??ان ۾ ميون جي پ??وسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ معدنيات شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ معاشي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. صدر گلگت بلتس??ان ج?? شاگردن کي اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.
گلگت بلتستان جي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ