اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ مل?? جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع ج?? منظو??ي کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن ک?? منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پاليسي تي موثر عملدرآ??د لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي، دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئر??ين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي مل?? جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع ج?? منظوري ڏني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مل?? جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن ک?? منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم مل?? جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظو??ي کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پاليسي موثر عملدرآ??د لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآد??د لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت مل?? جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظو??ي کانپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.
پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني وئي، پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو: عمران خان
مضمون کا ماخذ : loteria estadual