اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي جي کوٽ ۽ گلوبل وارمنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته آبي وسيلن جي تحفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا، حڪومت ملڪ ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آه??. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڻي جي استعمال جي موثر نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشرف، انٽرنيشنل واٽرمينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جنرل مارڪ سمٿ، انسٽيٽيوٽ جو پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر محسن حفيظ، انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر سيمي ڪمال ??مي?? مو??مي??تي ۽ آبي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا کي گلوبل وارمنگ ۽ ٻيا مو??مي??تي چئلينجز درپيش آه??، حڪومت پاڻي جي ذخيرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آه??، زراعت جي شعبي ۾ پاڻي جو بهتر استعمال تمام گهڻو ضروري آه??، هن ڪانفرنس جي انعقاد کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي جي اسٽوريج جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو، گلوبل وارمنگ به پاڻي جي ذخيرن لاءِ مسئلو آه??، پاڻي جي استعمال ۾ سڀني کي ذميداري جو احساس ڏيارڻ گهرجي، پراڻي وقتن ۾ تهذيب دريائن سان گڏ هلندي هئي، بلوچستان ۾ سوين ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آه??، اڄ پاڻي کي ري سائيڪل ڪرڻ جي ضرورت آه??، صدر چيو ته گلوبل وارمنگ ۽ ٻين مو??مي??تي چئلينجن سان گهٽ ۽ وڌيڪ برساتون پريشاني جو سبب آه??، هن چيو ته بلوچستان، ٿرپارڪر ۽ چولستان کي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو درپيش آه??، ڪوئيٽا ۾ ٽن سالن کان پاڻي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آه??، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۾ سون جي تعداد ۾ ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آه?? ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي، پاڻي جي تحفظ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم اڻٽر آه??، زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ آبادگارن کي به پاڻي جي بچت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته پاڻي بچائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آه??، وضو ڪندي وقت پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آه??، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ تحفظ سان بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به پاڻي جي تحفظ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سطح تي قدمن جي ضرورت آه??، ڪراچي ۾ صنعت کي ري سائيڪل پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنجاب ۾ زمين مان 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪڍيو ويندو آه?? جيڪو ڳڻتي جو سبب آه??، صدر چيو ته گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ هوا ۾ پاڻي جو تناسب وڌي ويندو جنهن سان ڪيترن ئي علائقن ۾ گهٽ ۽ ڪٿي وڌيڪ برساتون ٿينديون. هن 2018ع جي واٽر پاليسي کي گهڻو بهتر قرار ڏيندي چيو ته ان تي عم??درآمد حڪومت جي ذميداري آه??، صدر چيو ته قديم تهذيبون ۽ شهري آباديون دريائن جي ڪنارن تي آباد هيون ۽ مو??مي??تي تبديلي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن دريائن پنهنجو رخ بدلايو ته اهي شهر به ختم ٿي ويا، صدر ڪانفرنس جي انعقاد تي منتظمين جو ٿورو ادا ڪندي چيوته 1960ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سنڌ طاس آبادي معاهدو ٿيو. ان وقت اسان جو خيال هو ته اسان وٽ پاڻي ڪافي آه??، پر هاڻي صورتحال اها آه?? ته پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آه??، هاڻي دنيا کي گلوبل وارمنگ درپيش آه??، پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ سان به معاملو حل نه ٿيندو.
پاڻي وسيلن جي تحفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا: صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا