اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ?? ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 ??فتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي ويندو، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري ال??ڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع ال??ڪشن ن??ين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ويندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري ال??ڪشن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي ال??ڪشن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي ال??ڪشن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ??ه ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون ن??ين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع ال??ڪشن کان اڳ آدمشماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ ال??ڪشن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ويندي ?? پنجاب جي نمائندگي وڌي ويندي.
آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 هفتن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania