اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڻ سڌي ٽيڪس جو بار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پو??دو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو بار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئڻ جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آ??ڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي حڪ??متي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آ??ڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo