اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) واحد قومي پارٽي آهي جنهن کانسواءِ ڪا ٻي پارٽي اها دعو??ٰ نه ٿي ڪري سگهي ته خنجراب کان گوادر تائين ترقي جو سهرو ان جي سر آهي. پنجاب هائوس ۾ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير تڪ کاوڙه جي ناليواري سياسي ۽ سماجي شخصيت سيد سرفراز نقوي جي پنهنجي سوين ساٿين سميت پيپلزپارٽي مان 30 سالن جي رفاقت ڇڏي مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ مسلم ليگ (ن) واحد پارٽي آهي جنهن کي عوام جي بنا فرق جي خدمت جو اعزاز حاصل آهي ان کانسواءِ ڪنهن پارٽي کي اها توفيق حاصل ??ه آهي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا