تهران-29 نومبر(اي پي پي) ايران چيو آهي ته اولهه وارن ملڪن طرفان مٿس ٻيهر ??ابنديون لڳايون ويون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پرڏيهي ميڊيا کي انٽر??و دوران ڪيو. هن چيو ته سندس ملڪ هن وقت ايٽمي مواد جي 06 سيڪڙو کان وڌيڪ جي رچاءَ کان اڳيان وڌڻ ج?? ڪو ارادو نه ٿو رکي .عباس عراقچي ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو ??ظه??ر ڪيو ته واعدن موجب ايران تي لڳايل پابنديون اڃا ختم نه ڪيون ويون آهن. ان صورتحال ان بحث کي شروع ڪيو آهي ته ايران کي پنهجي ايٽمي پاليسي يا نظرئي ۾ تبديلي آئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عالمي ايٽمي توانائي واري ايجنسي موجب ايران دنيا جو ايٽمي هٿيار نه رکندڙ واحد ملڪ آهي جيڪو هن وقت يورينيم جو 60 سيڪڙو تائين رچاءُ ڪري رهيو آهي جڏهن ته ايٽم بم ٺاهڻ لاءِ يورينيم کي 90 سيڪڙو رچاءُ گهربل هوندو آهي. واضع رهي ته ايران ۽ وڏين طاقتن وچ ۾ 2015 ع جي ايٽمي معاهدي تحت ايران کي پنهجي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ جي بدلي ۾ اولهه وارين پابندين ۾ ڇوٽ ڏيڻ شامل هو ته جيئن ان کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ کان روڪي سگهجي جڏهن ته آمريڪا جلد ئي ان معاهدي کان ڌار ٿي ويو جنهن کان ??وء?? ايران يورينيم جي رچاءَ جي سطح کي اڳيان وڌايو هو.
اولهه جي ملڪن ٻيهر پابنديون هنيُون ته ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابنديون ختم ڪري سگهون ٿا: ايران
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر