ايناپولس-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير ا??ٽو??ي بلنڪن بنگلاديش جي ع??ور?? حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها جمهوري اصولن جو احترام ڪري. هن صحافين سان ڳالهائين??ي چيو ته بنگلاديش جي ع??ور?? حڪومت کي پنهنجي فيصلن ۾ جمهوري اصولن جو احترام، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عوامي خواهشن جي عڪاسي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته آمريڪا جي دوري تي آيل آسٽريلوي پرڏيهي وزير پيني ووگ به بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. آمريڪي رياست ميري لينڊ جي شهر ايناپولس ۾ آمريڪي نيول اڪيڊمي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آسٽريلوي وزير چيو ته اسان بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو انساني حقن جو احترام ڪن. تازن واقعن جي مڪمل، آزاد ۽ غير جانبداراڻي جاچ ??ي زور ڀريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر