گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪا??ڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن دوران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آ??هو?? جي صورتحال جي باري ۾ بار بار ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي کي برداشت ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه ??ه وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ڪيو آهي جنهن دوران ماڻهن شديد ترين گرمي کي برداشت ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آ??هو?? ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپو??ٽ ۾ آ??هو?? جي تبديلين جي نتيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي مدي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو. آ??هو?? جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج