ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حم??ي لاءِ پنهنجي سرزمين يا ??ضائي حد??ن استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا ??طابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران جي ميزائل حم??ي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسان کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا ??ضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن جي چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سموري چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي حم??و ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي حم??و ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حم??ي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل