گڏيل قومون-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٻارن کي درپيش هٿياربند تڪرارن، چائلڊ ليبر، انساني اسمگلنگ جهڙن ڪيترن ئي خطرن کي اجاگر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٻارن کي انهن ڪڌين ڀڃڪڙين کان بچائڻ لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون سماجي، انساني ۽ ثقافتي مسئلن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبل?? جي ٽئين ڪميٽي کي ٻڌايو ته عالمي برادري کي نه رڳ?? اهڙي طرح جي تشدد جي بنيادي سب??ن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي پر اهڙن ??انوني ڍانچن کي لاڳو ڪرڻ کي به يقيني بڻائڻ گهرج?? جيڪي ٻارن سان زيادتي يا استحصال جي سمورن قسمن کي ڏوهه قرار ڏين ٿا. هن ٻارن جي حقن تي هڪ مباحثي ۾ ڳالهائيندي نشاندهي ڪئي ته پيڪٽ فار دي فيوچر، جنهن جي عالمي اڳواڻن گذريل مهيني نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ منظوري ڏني، ۾ هن ٻارن کي مختلف خطرن کان بچائڻ لاءِ هڪ اجتماعي وچن ڪيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، آن لائن ۽ آف لائن سرگرمين کي محفوظ بڻائڻ ۽ امن ۽ روادار?? جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ٻارن جي تعليم جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته اهو معاهدو معياري تعليم، خاص طور تي ڊجيٽل ۽ رموٽ لرننگ پليٽ فارمز ۾ هڪجهڙي رسائ?? جي عزم تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان اهڙين پاليسين کي ترجيح ڏني آه?? جيڪي جامع تعليم خاص ڪري ڇوڪرين ۽ پٺٽي پيل ٻارن تي ڌيان ڏين ٿيون، تنهن ه??ندي به هن چيو ته قرض ۽ ليڪويڊٽي دٻاءُ سب?? هر ٻار کي اسڪول موڪلڻ لاءِ وسيلا ناڪافي آهن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو اسرندڙ ملڪن کي ٻارن جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ٻارن جي موجوده نسل جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڌيڪ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي قابل بڻائي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو ٻارن کي آهي، جن ۾ گرمي پد ۾ اضافو، غذائي عدم تحفظ ۽ قدرتي آفتن سب?? لڏپلاڻ شامل آهن. پاڪستان ماحولياتي تبديلين سب?? پيدا ٿيل آفتن کي لڳاتار منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي وسيع قدمن جي حمايت ۾ ثابت قدم آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ٻارن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ، کين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ ۽ هڪ اهڙي دنيا جي تعمير ڪرڻ اسان جو گڏيل فرض آهي جتي هر ٻار اميد ۽ وقار سان ترقي ڪري سگهي.
ٻارن کي درپيش هٿياربند تڪرارن، چائلڊ ليبر، انساني اسمگلنگ جهڙن ڪيترن ئي خطرن کان بچائڻ لاءِ عالمي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria