واشنگٽن-05 ڊسمبر (اي پي پي) آم??يڪ?? پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر چيو آهي ته آم??يڪ?? عملدار آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهن. ان شخص کي خالصتان جي حامي اڳواڻ گرو پتونت سنگهه پ??ن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀارتي اهلڪار ڀرتي ڪيو هو. پرڏيهي صحافي جي سوال جي جواب ۾ آم??يڪ?? ترجمان چيو ته ان معاملي جي آمريڪا ۾ به ج??چ ٿي رهي آهي جنهن سبب ان تي وڌيڪ نٿا ڳالهائي سگهون. هن چيو ته جڏهن اهو مبينه واقعو اسان جي نوٽيس ۾ آندو ويو ته اسان پنهنجي حڪومت جي اعليٰ ترين سطح تان ڀارتي حڪومت کي اعليٰ سطح تي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته اسان ان طرح جي معاملن ۾ تمام گهڻو سنجيده آهيون. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان ان جاچ جي نتيجن جا منتظر آهيون. ترجمان چيو ته آمريڪا واضح ڪيو هو ته هو عالمي سطح تي جارحيت تي ٻَڌل قدمن جي مخالفت ڪري ٿ??، چاهي اهو ڪٿي به ٿيو هجي يا ڪير به ان کي ڪري رهيو هجي ۽ ان جا اهي ريمارڪس صرف ڀارت نه ائين ڪندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ لاءِ آهن. آم??يڪ?? عملدارن مطابق ڀارتي سرڪاري ملازم جوابدار کي سک اڳواڻ بابت ڄاڻ جنهن ۾ فون نمبر، روزمره جي معمول ۽ گهر جي ايڊريس فراهم ڪئي ۽ ان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.
آمريڪا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدار بابت ڀارتي حڪومت جي جاچ جا منتظر آهيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا