اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن ??ي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آ??ي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪستاني قيدين جي فهرست پاڪستاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي ??ي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مجموعي ??ور تي 462 پاڪستاني آ??ن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي سزا پوري ڪري ورتي آ??ي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آ??ي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي 38 گم ٿيل دفاعي ??هلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آ??ي.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران سفارتي ذريعن وسيلي قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن