اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي ج?? مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي ج?? مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فتن?? الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار مع??رف آهي. هن ان امي?? جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13
صدر پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔