اسلام آباد ̵1; 14 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪارروايون جاري رکنداسين، قوم شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قربانين کي نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار ??ور احمد کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران سلام آهي، ملڪ جي دفاع دوران وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي پوري قوم شهيدن جي ??ور??ئتي آهي. صدر ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان تع??يت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام