اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سر??لنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سا?? ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سر??لنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعلي?? خان جا ٿورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سر??لنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان پهچڻ تي محسن نقوي ۽ عبدالعلي?? خان کي دُعائون ڏنيو??. و??ن پهچڻ تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته پٽڙؤ! اوهان جا ٿورا اسان پاڪستان واپس آياسي??. و??ن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ عبدالعلي?? خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيو??. و??ن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ هو ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعلي?? خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سر??لنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سر??لنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعلي?? خان سر??لنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چيو ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سر??لنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته قيدين ج?? واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعلي?? خان جو به شڪريو ادا ڪيو.
سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر