اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي سالگرهه تي چين جي صدر شي جن پنگ پاران مبارڪباد واري پيغام ۽ نيڪ خواه??ن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطي جي ويب سا??يٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ پاران منهنجي سالگرهه جي موقعي تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي سندس ٿورا ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته ان خيرسگالي جي جذبي جي لاءِ سندس ٿورائتو آهيان جيڪو پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ مضب??ط ڀائيچاري جي مضبوط رشتي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي گ??يل مستقبل سان هڪ خوشحال پاڪستان چين ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندا رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ