ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪش??ير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ??ين??ن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والاريل ڪش??ير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبديل نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والاريل ڪش??ير جي تاريخ کي هندستان جبر وسيلي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي سڄي قوم والاريل ڪش??ير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والاريل ڪش??ير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هندستان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هندستان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ??ي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جو يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ