اسل??م آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين ر??ين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اسفند يار موقف اختيار ڪيو ته اسل??م آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري د??خواست رد ڪئي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدارن کان رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگي جي لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب مستوئي چيو ته 124 مل??ن ر??يا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽ??هي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.
اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ