بيج??گ ?? 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چيني صدر شي جن پن?? پ??ڪس??ان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته کيس صدر شي جن پن?? سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ ثابت قدم دوستي، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ تحت جاري قدمن جي وقت سر پڄاڻي ۽ 5 نئين لنگهن سان گڏ اڳئين مر??لي ۾ گڏيل طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ بي آر آءِ جي 10 سالن جي ڪاميابي تي مبارڪباد ??ني. مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي فروغ ۽ گوادر کي ڪنيڪٽيويٽي جو مرڪز بڻائڻ ۽ پ??ڪس??ان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته چيني صدر شي جن پن?? يقين ڏياريو ته چين پ??ڪس??ان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز جي طور تي اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکندو، مون صدر شي جن پن?? کي جلد کان جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ??ني.
چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي، علائقائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر