اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسي??ا آهن جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، قيمتي ۽ ناياب پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي ۽ ويليو ايڊيشن جي حو??لي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ۾ جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حو??لي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته ملڪ جي اڪثر علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسي??ا آهن، جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قيمتي پٿرن ۽ ان سان تيار ٿيندڙ مصنوعات جي عالمي سرٽيفڪيشن ت?? ڪم ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي حو??لي سان قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حو??لي سان فوري طور تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيرا??ظم ان حو??لي سان نجي شعبي جي ضروري مشاورت ۽ صوبن سان به رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم جيمز ۽ جيولري ڊپارٽمينٽ ڪمپني کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي قيمتي پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي جو عمل شروع ڪرڻ جي به تائيد ڪئي. هن هدايت ڪئي ته قيمتي پٿرن جي صنعت ۾ ويليو ايڊيشن جي حو??لي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. اجلاس کي پاڪستان جي جيمز اسٽونز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حو??لي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿرن جي حو??لي سان خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميپنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جيمز ۽ ناياب پٿرن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حو??لي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.
ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج