اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيج??ن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه آذربائيج??ن جي سفير خضر فرهادوف ملاقات ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيج??ن جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏن??. هن جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران آذربائيج??ن جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد ک??ن جلد پاڪست??ن جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي ڏن?? دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزب??ن جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏن?? ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيج??ن جي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪوپ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد باڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪست??ن جلد ک??ن جلد پاڪستان آذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير باڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ باڪو ۽ اسلام آباد سان گڏوگڏ باڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيج??ن جي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪست??ن جو دورو پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. باڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان باڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آباد ۽ باڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽ?? معاهدي جي تجويز پڻ ڏن??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آباد جي دوري جو پڻ منتظر آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ