اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ??رق?? لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انف??رم??شن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن شرڪت ڪئي ۽ تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي وزي??اع??م شهباز شريف چيو ته ملڪي ??رق?? ۾ انف??رم??شن ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، انف??رم??شن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ملڪي معيشت جي ??رق?? جي موجوده وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداسين. وزي??اع??م چيو ته ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيشت جي هر شعبي ۾ جدت کڻي اينداسين، نوجوانن کي انف??رم??شن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انف??رم??شن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪ??ز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزي??اع??م ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری