اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين ??ونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته نگران حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪ?? يقين رکي ٿي. هن چ??و ته ڪورٽ رپورٽرز ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي. هن چ??و ته غيرجانبداراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. هن چ??و ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪيا ويندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين ??ونڊيل عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو مظهر آهي، اميد آهي نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي ??ورو لهندا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 2024ع جي چونڊن ۾ نئين ??ونڊيل صدر فياض محمود، سينيئر نائب صدر حسين احمد، نائب صدر (وومين) امبرين علي، جنرل سيڪريٽري محمد عمران، ف??ان?? سيڪريٽري شهزاد علي، جوائنٽ سيڪريٽري عادل سعيد عباسي، سيڪريٽري اطلاعات فرح مه جبين سميت ايگزيڪيوٽو باڊي جي ميمبرن عامر بلوچ، رئوف بزمي، عابد علي آرائين، ابراهيم عباسي ۽ ادريس عباسي کي مبارڪباد ڏني.
صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو اهم ڪردار آهي، وڪيلن وانگر ڪورٽ رپورٽرز کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوي ٿي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز