اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خصوصي ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ صحت واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪ??ي سگهي ٿي، فني ت??بيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن شهرين تي زور ڏنو ته اهي ڏسڻ کان محروم ماڻهن سميت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان سلسلي ۾ معاشري ۾ پنهنجون مثبت ذميواريون پوريون ڪن. صدر چيو ته نادرا ۽ انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن کي بهترين خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ معاهدا ڪيترائي دروازا کوليندو. خواهش آهي ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ سهولت سدائين رهي. صدر چيو ته مراڪش سان معاهدو اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي. صدر چيو ته ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ خصوصي چشمو ٺاهيو ويو آهي. چشمو نابين ماڻهن جي لاءِ ٽيڪسٽ پڙهي سگهي ٿو ۽ ماڻهو کي سڃاڻي سگهي ٿو. ڊاڪٽر عارف ??لو?? چيو ته خصوصي ماڻهن کي ت??ليم ڏيندڙ استادن کي ت??بيت ڏني پئي وڃي. معذور ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ آسانيون ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي لاءِ موقعا پيدا ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻهو خاص طور تي ڏسڻ کان محروم ماڻهن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ انهن کي اسڪل سيٽس ڏيڻ ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ جي ضرورت آهي. فني ت??بيت ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته خاتون اول بيگم ثمينه ??لو?? ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم کي وڌائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور ۽ متحرڪ طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪ??ي انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ انهن کي معاشري جي ت??اون جي ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ حڪومتي ادارن ۽ نجي شعبي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪ??ڻو آهي. روين ۾ تبديلي سان معذور ماڻهن کي عام زندگي طرف آڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي ۽ طب جي شعبي ۾ جدت سان اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ وڏو ڪم ٿيو آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته خصوصي ٻار به تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ عام اسڪولن ۾ وڃن. هن چيو ته اکين کان محروم ماڻهن کي فني ت??ليم ۽ هنر سيکاري انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ڪيا ويندا. هن مراڪش ٽريٽي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان ٺاهه تحت مراڪش ۾ اشاعتي مواد جي ڪاپي رائيٽس جي حوالي سان نرمي ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ڏسڻ کان محروم ماڻهن تائين سموري شايع ٿيل مواد تائين مفت پهچ يقيني بڻائي ويندي. هن خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ ڀرپور شموليت جي لاءِ انهن کي ت??ليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڪامرس سيڪريٽري محمد صالح احمد فاروقي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر ۽ آئين تحت تعليم هڪ بنيادي حق آهي، اسان جي لاءِ ان کان وڏي خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته حڪومت پاران ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي ت??ليم ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي انهن جي خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ صدر ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش ٽريٽي تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه ??لو??، سف??رتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصتن ۽ ڏسڻ کان محروم ماڻهن به شرڪت ڪئي.
ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ صحت واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری