اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب صحافي اعظم چوڌري جي حوالي سان ”فرائيڊي ٽائيمز“ ۾ شايع ٿيندڙ خبر کي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي، هي پي ٽي وي جي مسئلن تي ٻڌل تجزيه ڪارن ج?? پول جو رڳو هڪ ميمبر آهي، ان کي ان پول تان هٽايو ناهي ويو ۽ نه ئي ان کي ڇڏڻ جي لاءِ چي?? ويو آهي، ان سان اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته حڪومت ان صحافي جي خيالن ۽ راءِ کان آگاهه هجڻ جي باوجود ان کي پريس ڪان??رن?? ۾ گهرايو، جيڪڏهن حڪومت ان ج?? آواز يا سوال کي دٻائڻ چاهي ها ته ان کي گهرايو نه وڃي ها ۽ ان کي سوال پڇڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي ها. هن چيو ته وزيراعظم ان صحافي جي سوال جو تفصيل سان ج??اب ڏنو. مون به ان ج?? سوال جو جواب ڏنو. وزيراعظم اُن ڏينهن گورنر هائوس لاهور جي ڪمري ۾ مختلف رپورٽرز جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪافي وقت گذاريو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته گذريل پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ان ج?? فاشسٽ وزيراعظم جنهن کي رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ قرار ڏنو هو، جي ابتڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي.
اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná