اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جا??اني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان جا??ان لا??اپ?? جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لا??اپ?? جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جا??ان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جا??ان – پاڪستان ايسوسيئيشن جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جا??اني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جا??ان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري جي دوري جو منتظر آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد جي جاپاني هم منصب سان مُلاقات، ٻطرفي سياسي مشاورت
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ