اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت من??قد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، هوءَ اجلاس ۾ شرڪت کانسواء?? ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ علائقا??ي ۽ عالمي ملڪ افغانستان جي موجوده صورتحال کي تعميري ڳالهه ٻولهه جي ڏس ۾ بحث هيٺ آڻيندا. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪند?? ۽ ??الم?? ۽ ??لائقائي حصيدارن سان اڳتي وڌڻ جي رستي جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ بابت ڪم ڪندي. ترجمان چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم، خودمختيار۽ خوشحال افغانستان جي گڏ??ل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت منعقد ٿيندڙ خصوصي ايلچين جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ریل رش