??اه??ر – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) خاون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نس?? سان ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ ضرور?? آهي. سفائر ريٽيل لميٽيڊ ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نس?? بابت آگاهي جي سلسلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي انهن کي نه رڳو نوڪريون ڏيڻ گهرجن پر انهن جي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي. عورتن جي صحت کي يقيني بڻائڻ خاندان جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ تمام ضرور?? آهي. هن چيو ته هڪ عورت جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪ??نس?? بابت ڄاڻڻ ضرور?? آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ته اهي پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڇاتيءَ جي ڪ??نس?? جي وقت سر تشخيص ضرور?? آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪ??نس?? جي پهرين اسٽيج تي تشخيص ٿي وڃي ته صحتياب ٿيڻ جي شرح اٽڪل 98 سيڪڙو آهي ۽ علاج گهٽ مهانگو هوندو آهي. هن چيو ته عورتون عام طور تي شرم ۽ حيا جي ڪري ان بيماري کي ويجهي ماڻهن کان لڪائين ٿيون جنهن جي ڪري نه رڳو معاشرتي مسئلا جنم وٺن ٿا پر اهڙين عورتن جو وڏ انگ حياتي وڃائي ويهي ٿو. هن چيو ته عام طور تي مالي اثرن جي ڪري به بيماري کي نظرانداز ڪيو ويندو هو، پر اهو ياد رکڻ ضرور?? آهي ته ڪ??نس?? جو علاج جيڪڏهن دي سان شروع ٿئي ٿو ته مهانگو ٿئي ٿو. خاتون اول سوال ڪيو ته جيڪڏهن عورتن جي صحت ٺيڪ نه آهي ته اهي ڪيئن ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي سارسنڀال ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني پنهنجي صحت جي لاءِ 5 منٽ جو وقت ڪڍن ۽ پاڻ معائنو ڪن. هن چيو ته ڪنهن به غيرمعمولي نمو جي صورت ۾ عورتن کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ويجهي خاندان جي ماڻهن سان ڳالهه ڪري انهن کي ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. ثمينه عارف علوي ماڻهن جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هن ڪاروباري برادري کي چيو ته اهي مختلف معذور ماڻهن کي افرادي قوت ۾ شامل ڪن ۽ انهن کي نوڪريون فراهم ڪن. هن عورتن کي انهن جي فيڪٽري ۾ نوڪريون فراهم ڪرڻ کانسواءِ انهن جي صحت جو خيال رکڻ تي سيفائر گروپ جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ ضروري آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون