اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پن??نجي قراردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پن??نجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون ??هن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون ??ند ڪري وٺنديون ??هن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي ??ان پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پن??نجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاقي وزير چيو ته ا??ان هر مشڪل ۾ پن??نجي ڪشميري ڀائرن ??ان گڏ بيٺل آهيون ۽ ا??ان جون ??اريخي ۽ بي مثال قربانيون ??ائيگان نه وينديون. هن چيو ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.
گڏيل قومون کي استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو: سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام