اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت ها??وڪ?? ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اسٽيٽ سيڪريٽري، باربل ??وف??ر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بنيادي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاث?? علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ??وف??ر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رک??دو. ان موقعي تي پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔