اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارليا??ان?? ڪميٽي علائقائي ۽ داخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ آئين جي دائري تحت ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ پارليا??ان?? ڪميٽي جوڙڻ جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته آئين پا??ستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارليا??ان?? ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارليا??ان?? ۽ سياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارليا??ان?? ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پا??ستان غيرمعمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آ??ن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته آئين پا??ستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پا??ستان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ هئي، آهي ۽ رهندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته ان??ن جي قربانين ۽ اهم حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقلي جي حڪمت عملي جو حصو آهن. اجلاس زور ڏئي چيو ته پا??ستان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ان??ن جي خوشحالي جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پا??ستان حڪومت جي ڪميٽي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان آئين پا??ستان جي دائري جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن علائقائي ۽ داخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عملدرآمد آئين پا??ستان جي حدن جي اندر ضابطي جي ڪارروائي جي تڪميل ۽ پا??ستان حڪومت جي م??ظو??ي کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارليا??ان?? ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا م??ظو??ي ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارليا??ان?? اوورسائيٽ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ م??ظو??ي ڏني جيڪا آئيني حدن ۾ ان عمل جي نگراني جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته اڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری