جده – پهرين مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي، سعودي عرب پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي بهتري لاءِ مسلسل ??مايت جاري رکندو، سعودي عرب مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب ڊالر جي مدي ۾ توسيع ۽ ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ ۽ معاشي ڍانچي جي سڌارن ۾ مدد ڪندو، ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن ۽ سلامتي ??ي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن مسئلن جي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي ضرورت تي ??ور ڏنو، ٻنهي ملڪن روس ۽ يوڪرائن جي تڪرار جي سياسي حل ۽ بحران جي خاتمي جي اميد ظاهر ڪندي سلامتي ڪائونسل ??ي قرارداد موجب يمن بحران جي ٺوس سياسي حل جي قدمن، فلسطين جي مسئلي جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن موجب ٺوس ۽ منصفاڻي حل، شام ۾ علائقائي مداخلت کي محدود ڪرڻ ۽ افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن جي لاءِ محفوظ پناهه طور استعمال کان بچاءُ جي ضرورت تي ??ور ڏ??و. ??زيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ قائم ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جي ڏس ۾ 28 کان 30 اپريل 2022ع تائين سعودي عرب جو دورو ڪيو. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جده ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ٻنهي طرفن ۾ باضابطا سرڪاري ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم تاريخي لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ??ور ڪيو ويو. ٻطرفن لاڳاپن جي ڏس ۾ ٻنهي طرفن سعودي پاڪستاني سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ??ريعي معاملن کي مضبوط بڻائڻ، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپاري مٽاسٽا کي متنوع بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه وڌائڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو ته جيئن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي حقيقي ۽ عملي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ان عزم کي ورجايو ته هو پاڪستان ۽ ان جي معيشت جي مسلسل ??مايت جاري رکندو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ مرڪزي بئنڪ ۾ جمع ڪرايل 3 ارب آمريڪي ڊالر جي مدي ۾ توسيع جي ذريعي ان ۾ اضافي، پيٽروليم مصنوعات جي فنانسنگ وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان ڳولڻ، پاڪستان ۽ ان جي عوام جي مفاد ۾ معاشي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ مدد جاري رکڻ شامل هو. پاڪستان ڀرپور مدد ۽ حمايت جاري رکڻ تي ??عودي عرب کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي طرفان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاراڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، حصيدارين ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ گڏجي سيڙپڪاري ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جو ماحول تيار ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي بصيرت جي روشني ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد ۾ صنعت ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو ويو جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ٻنهي طرفن کان سيڙپڪاري فورمز منعقد ڪرڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري شعبي ۾ دستياب امڪان سامهون آڻي سگهجن، انهن تي ??ر ڏنو وڃي ته سيڙپڪاري جي مختلف شعبن ۾ انويسٽمينٽ پارٽنرشپ ڪن، سعودي پاڪستاني بزنس ڪائونسل ??ي اجلاسن جي ذريعي گڏجي ڪم ڪن ته جيئن انهن مشڪلاتن کي ختم ڪيو وڃي جيڪي سيڙپڪارن کي درپيش اچن ٿيون. ٻنهي طرفن کان آجيان ڪئي وئي ته ٻنهي ملڪن جا سيڙپڪار خوراڪ ۽ زراعت ??ي صنعتن ۾ گڏجي حصيداريون ڪري رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان سعودي عرب جي ويزن 2030ع تحت اڪنامڪ ٽرانسفارميشن پروگرامز جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دستياب امڪانن بابت تعاون ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ ناليوارن پاڪستاني ماهرن جي تجربي ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو ويو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي گڏيل طور تي فائدو پهچي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين افغانستان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ، افغانستان جي سرزمين کي دهشتگرد گروپن پاران محفوظ پناهه طور تي ??ستعمال ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت تي ??تفاق ڪيو. ڌرين افغانستان تي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ??ي غيرمعمولي اجلاس جي فيصلن تي ??ڳڀرائي جاري رکڻ ۽ انهن تي ??ملدرآمد سان اتفاق ڪيو ته جيئن افغان عوام کي انساني امداد جي فراهمي ۽ ان ڏس ۾ حمايت جاري رهي. دوري جي پڄاڻي تي وزيراعظم پاڪستان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ ڊپٽي وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کانسواءِ سعودي عرب جي حڪومت جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي گرمجوشي ۽ فراخدلاڻي ميزباني تي ٿورا مڃيا. ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم پاڪستان ۽ ڀائر ملڪ پاڪستان جي عوام جي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي پرجوش جذبن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۽ سعودي عرب سلامتي ۽ استحڪام، تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، اتحاد جي فروغ، خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ انهن جي جاگرافيائي سالميت جي حمايت جي عزم کي ورجايو آهي: گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável