اسلام آباد – 02 فيبر??ري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ??ال??ي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن م??اق??ت جي لاءِ ??يل پاڪستان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائي??دي چئي. م??اق??ت ۾ ڊرامي، فلم، علائقائي ۽ ??ال??ي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. م??اق??ت ۾ پاڪستان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحال ۽ وزيراعظم عمران خان جي چين جي د??ري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ال??ي معاملن تي پاڪستان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ??نيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي د??ري دوران افغانستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائي??دي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن م??اق??ت جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کڑک