اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چي?? ته جڏهن هيٺين سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وا??گر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪومتي سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن ??و تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ناجائز ماليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه ??مل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
حڪومتي سربراهه بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار